Wednesday , April 2 2025

قلندر لال شهباز جي مزار ۾ آپگهاتي ڌماڪو ڪندڙ بمبار جو مک سهولتڪار دهشتگرد نادر عرف مرشد جکراڻي گرفتار

ڪراچي ( سنڌسماءَچار نيوز) ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ / سي ٽي ڊي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري سيوهڻ سانحي جي آپگهاتي بمبار جي سهولتڪار ۽ مک جوابدار نادر علي عرف مرشد جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سي ٽي ڊي گرفتار دهشتگرد کي عدالت ۾ پيش ڪري 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ به حاصل ڪيو آهي. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عامر فاروقي چيو آهي ته جوابدار نادر جکراڻي اعتراف ڪيو آهي ته آپگهاتي ڌماڪي لاءِ دهشتگرد کي افغانستان مان آندو ويو هو. سيوهڻ سانحي جي اهم جوابدار جي گرفتاري کانپوءِ سي ٽي ڊي ۽ رينجرز عملدارن ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ڊِي آءِ جي سي ٽي ڊي چيو ته  آپگهاتي حملو ڪندڙ کي نادر جکراڻي مزار تائين پهچايو، جنهن کي افغانستان مان آندو ويو هو. هن چيو ته نادر جکراڻي جو ساٿي ڊاڪٽر مصطفيٰ نالي شخص هو، جيڪو اڳ ئي ٰمستونگ آپريشن ۾ مارجي چڪو آهي.عامر فاروقي چيو ته ڊاڪٽر مصطفيٰ کي سنڌ ۾ داعش جو سربراهه بڻايو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *