Tuesday , April 1 2025
Breaking News

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان اليڪشن ڪميشن ايڪٽ 2017 ترميمي بل منظور

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت سوريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ايڪٽ 2017 ۾ ترميم ڪري ڇڏي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اليڪشن ڪميشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ڇڏيو، بل تي صدر آصف زرداري جي15 ڏينهن اندر بل تي صحيح ڪرڻ بعد بل قانون بڻجي ويندو. ترميمي بل خلاف پي ٽي آءِ جو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سخت احتجاج، بل جون ڪاپيون ب ه ڦاڙي ڇڏيون.

ٻنهي ايوانن ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل2017،جيڪو اليڪشن (ٻيون ترميم) ايڪٽ2024 جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ان جي سيڪشن66 ۾ پهرين ترميم ۽ سيڪشن104 ۾ ٻي ترميم متعارف ڪرائي وئي. سيڪشن 66 ۾ ڪيل ترميم موجب، هڪ سياسي پارٽي طرفان ڪنهن به ٻي پارٽي سان الحاق جو اعلان تبديل نٿو ڪري سگهجي. سيڪشن 104 ۾ ڪيل ترميم مطابق جيڪا به سياسي پارٽي اليڪشن دوران مقرر ڪيل وقت اندر مخصوص سيٽن جي لسٽ اليڪشن ڪميشن وٽ جمع/مهيا نه ڪندي، ان کي مخصوص سيٽون الاٽ نه سگهنديون.

ترميمي بل موجب چونڊ نشان حاصل ڪرڻ کان اڳ پارٽي سرٽيفڪيٽ جمع نه ڪرائيندڙ اميدوار کي مخصوص سيٽن جي لسٽ مقرر مدت اندر جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ آزاد تصور ڪيو ويندو.

ترميمي بل ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به اميدوار طرفان مقرر مدي ۾ هڪ ڀيرو سياسي پارٽي سان الحاق جو اعلان ناقابل واپسي هوندو.

About admin

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *