قومي تحريڪ جو تنقيدي جائزو يا خوداحتسابي جون ڳالهيون!! _ اصغر آزاد

قومي تحريڪ جو تنقيدي جائزو يا خوداحتسابي جون ڳالهيون!! _ اصغر آزاد

قومي تحريڪ ته ان ڪارڪن جي به آهي نه جيڪو پهرين ڏينهن کان هڙان وڙان ڏئي سچائي، وت وس آهر ۽ ايمانداريءَ سان رت ست ڏنوآهي پر اهو اڄ به ساڳئي ڪسمپرسي (اڪثريت) ۾ آهي، پر جمعو جمعون اَٺ ڏينهن وارا اڳواڻ (سڀ نه ئي سهي) ڪروڙ / ارب پتي ڪئين ٿيا، جيڪڏهن ڪروڙ پتي ٿيڻ ۾ سندن محنت ۽ ايمانداري شامل آهي ته اها ڪارڪنن کي ڇو ڪو نه ٻڌائي وئي آهي جيئن اُهي به پنهنجي معاشي صورتحال بهتر بڻائي سگهن.

قومي تحريڪ جا اڪثر مرڪزي توڙي هيٺئين سطح جا اڳواڻ چوندا آهن ته، قومي تحريڪ جي ڪَمِين ڪوتاهين جي بيرحماڻي ڇنڊچاڻ، احتساب / جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. بلڪل ٿيڻ گهرجي. پر سوال اهو آهي ته اُهي مرڪزي يا هيٺئين / ضلعي سطح تائين رهندڙ اڳواڻن کي اهو چوندي ناهي ٻڌو/ پڙهيو ته قومي قيادت (ماضي کان اڄ تائين، جن ۾ اڪثريت ماضي واري به آهي) جو اڻ ڌريو، ايمانداراڻو، بي رياءُ، ڇڏ ڇڏاءَ کان مڪمل طور آجو احتساب لاءِ پيش ڪن ٿا، پنهنجي ڪيل غلطين / ڪمپرومائيز جو تفصيل سان اظهار ڪندا / ڪن ٿا.

اُهي قومي اڳواڻ اهڙين سچائين، اعترافن ۽ خوداحتسابي تي مشتمل ڪتاب نه ٿا ڇپرائي سگهن ته وڊيو بيان ذريعي ئي اظهار ڪن. پاڻ کي سڀني جي آڏو نه به سهي پر پنهنجي ئي پارٽي جي موجود، ڇڏي ويل يا خاموش ويٺل ڪارڪنن آڏو ئي اعتراف ڪن ۽ انهن ئي سچائين کان آگاهه ڪن. قومي تحريڪ ته ان ڪارڪن جي به آهي نه جيڪو پهرين ڏينهن کان هڙان وڙان ڏئي سچائي، وت وس آهر ۽ ايمانداريءَ سان رت ست ڏنوآهي پر اهو اڄ به ساڳئي ڪسمپرسي (اڪثريت) ۾ آهي، پر جمعو جمعون اَٺ ڏينهن وارا اڳواڻ (سڀ نه ئي سهي) ڪروڙ / ارب پتي ڪئين ٿيا، جيڪڏهن ڪروڙ پتي ٿيڻ ۾ سندن محنت ۽ ايمانداري شامل آهي ته اها ڪارڪنن کي ڇو ڪو نه ٻڌائي وئي آهي جيئن اُهي به پنهنجي معاشي صورتحال بهتر بڻائي سگهن.

ڀاشڻ ڏيندڙ اڳواڻ ايمانداري سان قوم کي ڇو نه ٿا ٻڌائين ته قومي تحريڪ کي وقتن بوقتن سنڌ جي زندگي ۽ موت وارن مسئلن ڀرپور موٽ ڏني آهي، اُهي ڪارڪن پاڻ ۾ چندا چاڙي ڪري، سرندي وارن همدردن کان مالي مدد وٺي پنهنجا ڪم ڪاريون، مزدوريون ڇڏي به هرهنڌ احتجاجن/ڌرڻن ۾ پهتا آهن.

قومي ڪارڪنن جي محنتن کي غيرسياسي قوتون يا ائين کڻي چئجي ته اسٽبلشمينٽ جي سهولتڪار/ بي ٽيم پيپلزپارٽي هاءِ جيڪ ڇوڪري ويون….؟

About admin

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *