لياري پ پ جو ڳڙهه نه رهيو، بلاول ڀٽو زرداري لياري مان هارائي ويو
Asghar Azad
July 27, 2018
پاڪستان
1,264 Views

ڪراچي رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستاني پيپلز پارٽي جو ڳڙهه لياري پ پ جي هٿن مان نڪري ويو آهي، لياري جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 246 تان پي ٽي آءِ جي اميدوار عبدالشڪور شاد پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، پ پ نه رڳو هارائي ويو آهي پر پ پ ٽئين ننمبر تي اچي وئي آهي. لياري جي اين اي 246 تي پي ٽي آءِ جي اميدوار شڪور شاد 52 هزار 750 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جي مقابلي ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار احمد سومرو 42 هزار 345 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. لياري واسين اين اي 246 تي پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي 39 هزار 325 ووٽ ڏنا ۽ اهڙي طرح بلاول ڀٽو زرداري ٽئين نمبر تي رهيو.

لياري مان پ پ پ جي هارائڻ تي نه رڳو بلاول ڀٽو زرداري پريشاني ۾ وٺجي ويو آهي پر پ پ پ جي قيادت کي به ان تي ڳڻتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري پ پ سنڌ ۽ ڪراچي ڊويزن جي قيادت کي طلب ڪري ورتو آهي، جن کان هارائڻ جا ڪارڻ معلوم ڪيا ويندا.