شڪارپور(رپورٽر سنڌسماءَچار) لکي غلام شاهه ويجهو گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 معصوم ڀينرون دٻجي فوت ۽ 2 ٻارڙيون سخت زخمي ٿي پيون آهن، زخمي ٻارڙين کي اسپتال منتقل ڪري قانوني ڪارروائي بعد مڙهه وارثن جي حوالي ڪيا ويا. ڳوٺ وزير آباد ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 معصوم ڀينرون چئن سالن جي آصبه ۽ ٽن سالن جي صدره ڌيءُ انوار ملڪ دٻجي فوت ۽ 2 ٻارڙيون ديبا ۽ مهوش ڌيءُ محمد علي ملڪ سخت زخمي ٿي پيون. زخمي ٻارڙين کي تعلقه اسپتال لکي غلام شاهه منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ ٻارڙي مهوش جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
Tags لکي غلام شاهه ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي،2 ٻارڙيون دٻجي فوت
Check Also
ٻٻرلوءِ ڌرڻو، سنڌ جي زمينن تي قبضا ۽ ڪئنال سمورا نامنظور، تصويري جهلڪيون
ٻٻرلوءِ ۾ ڪراچي بار ايسوسيئشن جي سڏ، ايس يو پي، جسقم، بشير خان قريشي، جي …