ماني پچائڻ ۾ دير ڇو ٿي، وحشي جوابدار زال کي قتل قتل ڪري ڇڏيو

ماني پچائڻ ديرسان بچائڻ تي وحشي جوابدار زال کي گهُٽا ڏئي قتل ڪري ڀڄي ويو

خانپور (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) خانپور جي ڳوٺ علي خان بڊاڻي ۾ وحشي جوابدار ماني دير سان پچائڻ تي زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ کانپوءِ ڀڄي ويو. رستم ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ علي خان بڊاڻي ۾ جوابدار شهمور عرف شمن بڊاڻي جتوئي ماني دير سان پچائڻ تي نوجوان زال اشرف خاتون کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ کيس گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ کانپوءِ ڀڄي ويو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي وارثن جي نگراني ۾ وارثن جي مدد سان مڙهه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آحي، پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ اڃا تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جا وارث ڪفن دفن ۾ مصروف آهن جيئن ان مان واندا ٿيندا ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ آيا ته ايف آءِ ر داخل ڪئي ويندي ٻي صورت ۾ سرڪاري فرياد ۾ ئي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

About

Check Also

گل پلازا سانحو؛ باهه اڃا نه وسامي، وڏي جاني نقصان خدشو وڌي ويو

 الله ڪري ائين نه هجي جيئن دڪانن تي ڪم ڪندڙ بچي ويل پورهيت ٻڌائين ٿا!!! …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *