محمد زبير عمر سنڌ جو گورنر مقرر، ن ليگ سنڌ جا اڳواڻ مايوس ٿي ويا

zubar & asad

 

وزيراعظم نواز شريف جي تجويز تي صدر ممنون حسين نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محد زبير عمر کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد محمد زبير عمر سنڌ جو 32 هون گورنر ٿي ويو آهي.

محمد زبير عمر جي گورنر مقرر ٿيڻ بعد نواز ليگ سنڌ جي اڳواڻن ۾ سخت مايوسي ڇائنجي وئي آهي. ن ليگ سنڌ جي هڪ اڳواڻ سنڌ سماءَ چار سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته ن ليگ سنڌ جي سياست ۾ سنجيده نه آهي، نواز شريف به سنڌ ۾ سياسي حوالي سان مفاهمت جي ڪن ۾ ڦاٿل آهي.

ن ليگ جي هڪ ٻئي اڳواڻ نالو نه لکڻ جي شرط تي چيو ته اڄ اهو چٽو ٿي ويو آهي ن ليگ ڪڏهن به سنڌ جي سياست نه ڪندي ۽ ان پاڻ کي پنجاب جي پارٽي ثابت ڪري ڇڏيو آهي.

ٻي طرف امڪان آهي ته سنڌ جو نئون گورنر اربع ڏينهن شام يا وري خميس تي منجهند جو پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو.

About Asghar Azad

Check Also

وفاق جو سنڌ جي پاڻي تي مڪمل قبضو ڪرڻ جون تياريون، ” نيشنل رِوَر اٿارٽي“ قائم ڪرڻ تي غور

  ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت سنڌ جي پاڻيءَ تي مڪمل قبضو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *