خيرپور( خاص نمائندو سنڌسماءَچار ) ٺري ميرواهه ۾ شاگردن سان بدفعلي ڪندڙ رٽائرڊ استاد سارنگ شر کي پوليس خيرپور شھر مان گرفتار ڪري ورتو آهي،سارنگ شر کي سي آء اي پوليس جي تحويل۾ رکيو ويو آهي. خيرپور جي سي آء اي پوليس ضلعي جي ڏھ ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن سان گڏجي ڪارروائي ڪئي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سارنگ شر کي ھڪ غير سياسي ۽ بااثر شصيت جي ھائوس ٻاھران گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪنب پوليس جو چوڻ آهي ته شاگرد سان بدفعلي جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد جوابدار سارنگ شر گم ٿي ويو هو، جنهن کي خيرپور مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار تي زيادتي جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ٿيل آھن، جن مانھڪايمان ھڪ ايف آء آر ۾ دھشتگردي جا قلم به شامل آهن، رٽائرڊ استاد پاران نينگرن سان زيادتي واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سياسي سماجي ڌرين احتجاجي مظاهرو ڪندي جوابدار کي فوري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو
Check Also
اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا
خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …