ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) جامعه بنوريه ٽائون جو مهتمم ۽ عالم دين مفتي محمد نعيم الرحمان اڄ ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ 65 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جامع بنوريه جي ترجمان تصديق ڪندي چيو آهي ته مفتي نعيم ڪافي عرصي کان دل ۽ ڦڦڙن جي مرض ۾ مبتلا هو، ڪجهه ڏينهن اڳ سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي هئي، جنهن بعد کيس ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي علاج بعد طبيعت ب هتر ٿيڻ بعد گهر منتقل ڪيو ويو هو. ترجمان موجب ، جامعه بنوريه جي ترجمان موجب مفتي محمد نعيم اڄ 20 جون تي رات جو اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي، کيس نجي اسپتال منتقل ڪيو جتي، ساڍي اٺين وڳي ڌاري هن دم ڏنو ۽ ڊاڪٽرن به ان جي تصديق ڪئي. مفتي نعيم عالم دين هجڻ سان گڏ وفاق المدارس العربيه جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ميمبر ۽ جامعه بنوريه سائيٽ جو مهتمم به هو.
Check Also
جو وفاق تي اعتماد ناهي رهيو، کير جا ڌوتل ناهيون پر ايترا به خراب ناهيون: بلاول ڀٽو زرداري
اسان جو وفاق تان اعتماد ئي ختم ٿي ويو آهي، اسلام آباد ۾ اسان سان …