ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملير ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيدي جي بيحد اسرار تي سندس شادي جو ڪاڄ ٿيو.جنهن ۾ هڪ قيدي ۽ ٻئي قيدي جي نياڻي جي شادي جي تقريب ٿي،جنهن دوران پوليس اهلڪارن ۽ قيدين ناچ ڪري خوشين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. جيل انتظاميا مطابق قيدي محمد راشد جي نياڻي جي نڪاح جو انتظام جيل ۾ ڪيو ويو.تقريب ۾ قيدين ۽ پوليس اهلڪارن جهمريون پاتيون،جنهن سان خوشين ۾ اضافو ٿي ويو. تقريب ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار کي جيل سپريٽينڊنٽ حسن سهتي پاران سوکڙيون ڏنيون ويون. هن ٻڌايو ته جيل قاعدن تحت سزا هجڻ سبب قيدي پنهنجي نياڻي جي شادي ۾ شريڪ ٿي نٿي سگهيو.پر هن جي نياڻي جي نڪاح ۾ شرڪت جي خواهش کي سامهون رکندي سندس شرڪت جو بندوبست ڪيو ويو.
Check Also
سموري سنڌ جيان ڪراچي شهر ۾ قهر جي گرمي،24 ڪلاڪن ۾ 90 ماڻهو فوت
سموري سنڌ جيان ڪراچي شهر ۾ قهر جي گرمي،24 ڪلاڪن ۾ 90 ماڻهو فوت ڪراچي(اسٽاف …