سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي پارليامينٽ ۾ مخالفت ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته گذريل دفعي وڏي پريشاني ۾ فوجي عدالتن جي قيام ۾ ووٽ ڏنو هو ۽ مان اعتراف ٿو ڪريان ته منهنجي بزدلي ۽ لالچ اهو ووٽ ڏيڻ لاءِ چيو ۽ ڀڄڻ جو رستو اختيار ڪيو، جيڪڏهن بزدل نه هجان ها ته فوجي عدالتن جي حمايت ۾ ووٽ نه ڏيان ها ۽ سينيٽ تان استعيفا ڏيان ها پر هاڻي منهنجي پوزيشن واضح آهي ته 28 مارچ تي فوجي عدالتن بابت پارليامنيٽ ۾ ٿيندڙ ووٽنگ ۾ حصو وٺندس ۽ مخالفت ۾ ووٽ ڏيندس. پهريان مون فيصلو ڪيو ته ان اجلاس ۾ نه ويندس پر هاڻي اٽل فيصلو آهي ته اجلاس ۾ وڃي مخالفت ڪندس. اها حقيقت آهي ته سياسي جماعتن ۾ اندروني طور تي جمهوريت ناهي ۽ ان جو هڪ سبب اهو آهي ته سياسي جماعتون رڳو رياست طرفان لڳايل باهه کي وسائڻ ۾ پوريون هجن ٿيون ۽ پارٽين ۾ اندروني طور جمهوريت نه هجڻ جو مسئلو رڳو پاڪستان نه پر آمريڪا، ڀارت، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ۾ به آهي. هر 10 سالن بعد ”ميري عزيز هم وطنو“ نه چيو وڃي ها ته اسان گهڻي ترقي ڪري چڪا هجون ها. نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽي جي مخالفت ڪريان ٿو، سول ۽ لاڳاپن جو حل پارليامينٽ جي اندر آهي.
ڪالهه آرٽس ڪائونسل ۾ نامياري دانشور ڊاڪٽر جعفر احمد جي هڪ ڪتاب جي مهورت واري تقريب کي خطاب ڪندي رضا رباني اهو به چيو ته سول ملٽري لاڳاپا ان ڪري بهتر نه ٿي سگهيا آهن، ڇو ته ٻنهي طرفن کان هڪ خوف موجود آهي ۽ ان ڪري انٽرا انسٽيٽيوٽ ڊائلاگ جنم نٿو وٺي. هن چيو ته پارليامينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ سول ملٽري موقف ڏيڻو پوندو ۽ پوءِ وڌيڪ وزني واري موقف کي قبول ڪرڻو پوندو. 1947ع کان وٺي اڄ تائين ملڪ جي دفاع پرڏيهه ۽ نيشنل سيڪيورٽي جي پاليسي راولپنڊي وٽ رهي آهي ۽ ان کي هٿ لائڻ نٿو ڏنو وڃي. آمريڪا ۾ به ملٽري ۽ سول معاملن تي پارلياماني ڪاميٽي فيصلو ڪيو. پارليامينٽ جيڪڏهن سنجيدگي سان ڪم ڪري ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي آن بورڊ وٺي ته سمورا ڪم ڪري سگهجن ٿا ۽ مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا، رضا رباني اهو به چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت پاڪستان جو اصل مقصد ۽ ٺهڻ جو بنياد مسخ ڪيو ويو ۽ تاريخ ۾ ان کي جائز مقام نه ڏنو ويو. قائداعظم جي آگسٽ واري تقرير به اڳ ۾ نه ڏني ويندي هئي ۽ لڪائي وئي. هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جي تعليمي نصاب ۾ عوامي ۽ جمهوري جدوجهد جا باب ئي گم آهن ۽ اهڙا چيپٽر به شامل آهن جن ۾ اهو چيو ويو آهي ته آمريت جا ڪهڙا فائدا آهن. رياست اهڙن ماڻهن کي پيدا ڪرڻ چاهي ٿي جيڪي سڀاڻي رياست کان سوال نه ڪري سگهن. هڪ طرف عوام کي پنهنجي تاريخ کان ڪٽيو ويو آهي ته ٻئي طرف عوام کي فرقن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ رياستي پاليسي تحت فرقيواريت کي هٿي ڏني پئي وڃي ته جيئن برطانوي سامراج واري ”ورهايو ۽ حڪمراني ڪريو“ جي پاليسي تي عمل ٿئي ۽ اقليت کي ايترو سخت ڪيو ويو جو هڪ ٻئي جي رت جا پياسا ٿي وڃن، سينيٽ جي چيئرمين اهو به چيو ته 18هين ترميم ۾ سياسي پارٽين کي اختيار ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي پر مان ياد ڏياريان ٿو ته اها ترميم ان ڪري ٿي جو ان وقت هارس ٽريڊنگ عام جام هئي، ماڻهن جي وفاداري تبديل ڪئي ٿي وئي ۽ آمرن من پسند ماڻهن کي سينيٽ ۾ آڻڻ لاءِ ايم پي ايز کي پاڻ سان ملايو، ان ڪري ان عمل کي روڪڻ لاءِ اهڙي ترميم ڪئي وئي ۽ اڄ تائين سياسي عمل ۾ ميچوئرٽي نه آئي آهي، ان ڪري پارليامينٽ ان ترميم کي اڃا تائين تبديل نه ڪيو آهي.
سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو ته گم ٿيل ماڻهن وارو مامرو ائين ئي آهي جيئن رياست اندر رياست هجي ۽ جمهوري نظام ۾ ٿيڻ وارو مامرو هجڻ ئي نه گهرجي. پاڪستان ۾ بدقسمتي سان جيڪو ٿيڻ گهرجي اهو نه ٿي رهيو آهي، قائد اعظم جيڪو نظام ٺاهيو اهو تباهه ٿي چڪو آهي.
ڪراچي ۾ بحريا يونيورسٽي ۾ آئيني حڪمراني جي اهميت بابت سيمينار کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين رضا رباني وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي جنهن مقصد لاءِ حاصل ڪيو ويو هو اهو اڄ تبديل ٿي چڪو آهي، ان سان گڏ گهڻو ڪجهه تبديل ٿي چڪو آهي. سياستدانن خلاف هميشه منفي پروپيگنڊا ڪري کين بدنام ڪيو ويو ته هو ڪرپٽ آهن. هن چيو ته اڳوڻي صدر ضياءَ الحق آئين ۾ پنهنجي مرضي جي تبديلي آندي، شاگردن تنظيمن، ٽريڊ يونين، ۽ دانشورن کي به ضياءَ دور ۾ پابندين جو منهن ڏسڻو پيو، ملڪ کي ڊڪٽيٽرن نقصان پهچايو، شعرن ۽ ڪافي هائوسن تي پابندي هڻي مذهبي پارٽين کي آزادي ڏني وئي.
سينيٽ چيئرمين جو چوڻ هو ته، نصاب ۾ جمهوري حڪومت جي فائدي ۾ 8 دليل ۽ فوجي مارشل لا جي حق ۾ 11 دليل پڙهايا پيا وڃن. ارڙهين ترميم بعد صوبن کي پنهنجو حق ملڻ شروع ٿيو آهي، افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سميت ڪنهن وٽ به صحت ۽ تعليم ترجيح ۾ شامل نه آهي.
پاڪستان کي صدارتي نظام جي ضرورت نه آهي، ملڪي صورتحال موجب هتي پارلياماني نظام ئي بهتر رهندو، ڇاڪاڻ ته قائداعظم محمدعلي جناح به پارلياماني نظام چاهيو پئي. سينيٽ چيئرمين هئڻ باوجود گم ٿيلن جي معاملي تي ڪجهه نه ڪري سگهيس، ڪرپشن جو قانون برابر هجي، جنهن ۾ سمورن ادارن لاءِ احتساب هجي، ائين نه هجڻ گهرجي ته عدالتن ۽ فوجي ادارن جي احتساب لاءِ الڳ قائون هجي، نيب جي پلي بارگين قانون جو پهرين سينيٽ نوٽيس ورتو. هن احتساب ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته 10 ارب رپين جي ڪرپشن ڪندڙ هڪ ارب رپيا ڏئي پاڪ صاف ٿي وڃي ٿو، احتساب ڪميشن ۾ عدليه، فوج، سياستدانن ۽ بيورو ڪريسي سميت سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي