ممتاز جکراڻي مونکي بي شرم ڪوٺيو، ردعمل ۾ مون جيڪو ڪيو ان تي پڇتاءُ ناهي-نصرت سحر عباسي

ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو آهي ته، صوبائي وزير ممتاز جکراڻي مونکي بي شرم ڪوٺيو، ان جي رد عمل ۾ مون جيڪو ڪجهه ڪيو انن تي ڪو به پڇتاءُ ناهي. سنڌ اسيمبلي جي گذريل اجلاس دوران ف ليگ جي ميمبر نصرت سحر عباسي پاران پ پ جي ميمبرن کي جوتو ڏيکارڻ جي حوالي سان هن هڪ وضاحت سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بڪ تي جاري ڪئي آهي. جيڪا جيئن جو تيئن ڪجهه هن طرح آهي.

”سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران اڄ پيپلز پارٽي جي هڪ وزير ممتاز جکراڻي پهنجي محڪمي جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ بجاءِ مونکي بيشرم ڪوٺيو ۽ ڪافي خراب زبان استعمال ڪئي جنهن جو وڊيو پڻ موجود آهي، مون جيڪو ڪيو ان تي مونکي ان لاءِ پڇتاءُ ناهي ڇو ته مان هڪ اهڙي ماڻهو سان مخاطب هئس جيڪو ڪرپٽ هئڻ سان گڏ اخلاف کان ڪريل زبان استعمال ڪري رهيو هيو. اهڙي معاملي ۾ جڏهن انهن کي آئينو ٿا ڏيکاريون ته چون ٿا توهان خراب ۽ غير جمهوري ماڻهو آهيو، اسان کي به خبر آهي توهان ڪيترا جمهوري آهيو، توهانجي جي ئي اسپيڪر صاحب ووٽ جي لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا هئا ؟؟؟ اهي سڀني کي وسري ويا ؟

جن ماڻهن کي راءِ قائم ڪرڻي آهي اهي ڀلي ڪن، باقي تاريخ فيصلو ڪندي ته اسان حق تي آهيون يا ناحق تي“.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *