Sunday , February 23 2025

مني لانڊرنگ ڪيس، آصف زرداري جي ٻن هفتن لاءِ عارضي ضمانت منظور

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ عارضي ضمانت منظور ڪئي وئي. آصف زرداري ڪراچي جي بئڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جتي عدالت 20 لک رپين جي عيوض سندس عبوري ضمانت منظور ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران آصف زرداريءَ جي وڪيل فارق ايڇ نائيڪ  موقف اختيار ڪيو ته ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به 15 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي، ان ڪري گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت منظور ڪئي وڃي. عدالت آصف زرداريءَ جي گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت منظور ڪندي ضمانت لاءِ  20 لک رپيا روڪ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 4 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. يادر هي ته بئڪنگ ڪورٽ ان کان اڳ آصف زرداري  جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا هئا، جنهن تي هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت حاصل ڪئي هئي ۽ ان دوران عدالت کيس 3 سيپٽمبر تائين لاڳپيل ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم پڻ ڏنو هو.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *