مني لانڊرنگ ڪيس، ايم ڪيو ايم اڳواڻن خلاف به ثبوت هٿ

اسلام آباد (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي / ايف آءِ اي کي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ دوران ايم اڪيو ايم جي اڳواڻن خلاف به اهم معلومات ملي وئي آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ دوران مليل دستاويزي ثبوتن موجب، ايم ڪيو ايم جي انتظامن هيٺ هلندڙ خدمت خلق فائونڊيشن (ڪي ڪي ايف) جي بئنڪ کاتن جو استعمال ڪري لنڊن ۾ متحده جي باني صرف ٻن ڌار ڌار ٽرانزيڪشنز ذريعي هڪ ڀيرو 3 لک آمريڪي ڊالر ۽ ٻئي دفعي ٽي لک برطانوي پائونڊ ايم ڪيو ايم باني ڏانهن لنڊن موڪليا ويا. ميڊيا جي رپورٽن موجب 80 هزار ۽ 60 هزار آمريڪي ڊالرن جي  الڳ الڳ ٽرانزيڪشن ذريعي به  ايم ڪيو ايم جي باني کي رقم موڪلي وئي. ايف آءِ اي اختيارين کي ملندڙ تفصيل ۾ هڪ لک 50 هزار پائونڊ ۽ 21 هزار يو اي اي درهم جي الڳ الڳ ٽرانزيڪشن به شامل آهي. ذريعن جو چوڻ ته جاچ اختيارين کي ڪيس منتقل ڪرڻ جي حتمي منظوري جو انتظار آهي جنهن کانپوءِ رڪارڊ پيش ڪيو ويندو. ياد رهي ته ايم ڪيو ايم جي باني خلاف مني لانڊرنگ جاچ لاءِ پاڪستاني ادارن هڪ برطانوي فرم جي خدمت پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ جوابدار خلاف ٻين ملڪن مان ثبوت ۽ شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن. آگسٽ 2018 تائين سامهون ايندڙ معلومات موجب 69 بئنڪ اڪائونٽن جو پتو لڳايو ويو آهي جن کي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو ويو هو.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *