
ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي جي بئنڪنگ عدالت 35 ارب رپيا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فريال ٽالپر جي عبوري ضمانت ۾ 4 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، حسين لوائي ۽ طحه رضا جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي. عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران فريال ٽالپر، شيرمحمد مغيري، شهزاد جتوئي ۽ ٻيا پيش ٿيا. فريال ٽالپر عبوري ضمانت ۾ واڌ لاءِ درخواست داخل ڪرائي، جيڪا عدالت منظور ڪندي فريال ٽالپر جي عبوري ضمانت ۾ 4 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. جوابدارن حسين لوائي ۽ طلحيٰ رضا جي ضمانت وارين درخواستن جي ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جو جاچ آفيسر پيش نه ٿيو. ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر دليلن ۾ چيو ته جوابدار حسين لوائي ۽ طحه رضا جي ضمانت وارين درخواستن تي فيصلو 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وڃي. عدالت ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن 18 آگسٽ تي دليل نه ڏنا ويا ته درخواستن تي فيصلو ٻڌايو ويندو، جنهن کان پوءِ ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.
سنڌسماءَچار