ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) بئنڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فريال ٽالپر ۽ ۽ نجي ڪنسٽريڪشن ڪمپني جي شهزاد جتوئي جي گرفتاري کان اڳ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ، اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پيپلزپارٽي اڳواڻ فريال ٽالپر جي 16 آگسٽ تائين گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪندي کيس 20 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. بينڪنگ ڪورٽ ۾ اربين رپيا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پيپلزپارٽي اڳواڻ فريال ٽالپر ۽ سندس وڪيل فاروق ايڇ نائڪ پيش ٿيا. عدالت فريال ٽالپر جي 16 آگسٽ تائين گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت فريال ٽالپر کي 20 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي. واضح رهي ته ان کان اڳ فريال ٽالپر جي سنڌ هاءِڪورٽ لاڙڪاڻي بينچ مان حفاظتي ضمانت منظور ڪئي هئي، جڏهن ته کيس بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو ويو هو. ايف آءِ اي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي چالان ۾ مفرور ظاهر ڪيو هو، جڏهن ته حسين لوائي ۽ طحه رضا گرفتار آهن.
Check Also
اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا
خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …