لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو. سنڌسماءَچار) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن سموري ملڪ ۾ سڀاڻي ستين جولاءِ کان سڄي ملڪ ۾ مدرسا کولڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اپوزيشن پارٽين جا اڳواڻ پاڻ سان گڏ ڪارڪنن کي به مارچ ۾ شرڪت ڪرائين ھا ته اڄ ملڪ جو نقشو ئي ڪجھ ٻيو ھجي ھا. لاڙڪاڻي ۾ حاجي منور علي عباسي جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته، سڀاڻي 7 جولاءِ کان سڄي ملڪ۾ ايس او پيز تحت سمورا مدرسا کولينداسين. مولانا فضل الرحمٰن چيو ته سڀئي عالم سڀاڻي کان ايس او پيز تحت ننڍا مدرسا کولي ڇڏين. هن چيو ته ملتان ۾ کوليل مدرسن تي پوليس جو تشدد ناقابل برداش جوڳو عمل آهي. هن چيو حڪومتي جبر ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. مولانا چيو ته ايس او پيز تحت کليل مدرسن تي زيادتي ٿي ته ان جو نتيجو خراب نڪرندو ۽ذميوار حڪومت هوندي. هن چيو ته لانگ مارچ ۾ مخالف ڌر پنهنجن ڪارڪنن سان شرڪت ڪري هان ته ملڪ جو نقشو تبديل ٿي وڃي هان. جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته نواز شريف ۽ زرداري ايترو قرض نه کنيو آهي جيترو عمران خان ورتو آهي. مولانا چيو ته هن وقت وفاق ۽ صوبن کي غلط پاليسن سبب وڙهايو پيو وڃي.
Check Also
شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي
ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …