Sunday , February 23 2025

ميرپو بٺورو ۾ درگاهه ميهر شاهه تي چادر چاڙهڻ دوران فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا،ٻه پوليس اهلاڪر گرفتار

ميرپوربٺورو (سنڌ سماءَ چار نيوز) درگاھه ميهر شاهه تي چادر چاڙهڻ واري تقريب دوران پوليس ۽ زائرين ۾ جهيڙي دوران پوليس جي فا مبينا فائرنگ ۾ 2 زائرين مارجي ويا، ايس ايس پي معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او کي معطل ڪري الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو آهي. فائرنگ دوران گوليون لڳڻ ڪري هڪ ڄڻو زخمي به ٿي پيو.

درگاھه تي چادر چاڙهڻ دوران خوشي وچان فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا جاويد ۽ اسحاق موقعي تي مارجي ويا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. پوليس مارجي ويل نوجوانن جا مڙھه کڻائي تعلقي اسپتال آندا، جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي  ڪري ڇڏيا.

ٻئي طرف ايس ايس پي سجاول معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ميرپوربٺورو شاھنواز اوٺو کي معطل ڪندي ٻن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري ڊي ايس پي جاتي کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *