ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت تاريخي مڪلي قبرستان ۾ ماڻهن جي تدفين ۽ قبرستان اندر گاڏين جي آمد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت مڪلي قبرستان ۾ ماڻهن جي تدفين ۽ قبرستان اندر گاڏين جي آمد تي پابندي لاڳو ڪندي چيو آهي ته مڪلي قبرستان تاريخي ورثو آهي ، عالمي ادارن ان جي حفاظت لاءِ چيو آهي.سنڌ حڪومت ٺٽي جي ڊي سي ۽ پوليس عملدارن کي مڪلي قبرستان ۾ ماڻهن جي تدفين ۽ گاڏين جي آمد تي پابندي واري فيصلي تي عملدرآمد جو حڪم ڏنو آهي.
Check Also
شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي
ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …