اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو اڳوڻي سفير علي جهانگير صديقي خلاف مختلف ڪيسز ۾ هلندڙ جاچ مڪمل ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ مطابق انڪوائري مڪمل ڪري انويسٽي گيشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نيب ذريعن موجب علي جهانگير صديقي خلاف نيب چيئرمين (ر) جسٽس جاويد اقبال کان انويسٽيگيشن جي جلد منظوري ورتي ويندي. اڳوڻي آمريڪي سفير جي سهڪار نه ڪرڻ تي وارنٽ به جاري ڪري سگھجن ٿا، نيب وٽ علي جهانگير صديقي جي واپاري ڀائيواري جا ثبوت موجود آهن، علي جهانگير صديقي تي آشيانه اقبال ڪيس ۾ فواد حسين سان ملي ڪرپشن ڪرڻ جا الزام آهن ، نيب ڪيترا ڀيرا طلب ڪيو پر علي جهانگير ٻه ڀيرا پيش ٿيو. علي جهانگير صديقي تي الزام آهي ته هن سفير ٿيڻ کان اڳ فواد حسن فواد جي اڪائونٽ ۾ 15 ڪروڙجمع ڪيا هئا.
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …