Wednesday , April 2 2025

نئون ديرو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا

لاڙڪاڻو( رپورٽر    سنڌسماءَچار) نئون ديرو ويجهو هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾2 ڄڻا مارجي ويا، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا آهن. ڳوٺ راهوجا وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن  جي نتيجي ۾2 ڄڻا  اسلم چانڊيو ۽ سندس ڊرائيور گلشير چانڊيو ٿڏي تي مارجي ويا. اطلاع تي ڪيٽي ممتاز ۽ نئون ديرو ٿاڻن جي پوليس پهچي مارجي ويلن جا لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد نئون ديرو اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. مارجي ويلن جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسلم چانڊيو ڳوٺ جهان خان ککراڻي ۾ شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ ڪار ۾ واپس ڳوٺ اچي رهيو هو ته ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مٿس حملو ڪري ڪار تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا مارجي ويا. مقتول اسلم چانڊيو بابت چيو پيو وڃي ته هو قتل، ڌاڙن ۽ ڦرن جي ڪيسن ۾ سزا ڪاٽڻ بعد تازو جيل مان آزاد ٿي آيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *