ناري جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

نارو( رپورٽر     سنڌسماءَچار) ناري ۾ چينل 214 جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندڙن سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف نعري بازي ڪندي چيو ته بااثر پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. آبادگارن يتيم علي شنباڻي، انور شنباڻي، محمد علي ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته نارا ڪئنال جي چينل 214 ۾ هڪ مهيني کان پاڻي نه اچڻ سبب بيٺل فصل سڪي رهيا آهن. آبپاشي کاتي جي عملدارن کي پاڻي نه پهچڻ بابت شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته چينل 214 ۾ پاڻي ڇڏي مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

About

Check Also

”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت

  ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *