Sunday , February 23 2025

نصرالله گڏاڻي جي امڙ جي سڏ تي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان هزارين ماڻهن جو ڌرڻو

نصرالله گڏاڻي جي امڙ جي سڏ تي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان هزارين ماڻهن جو ڌرڻو

گهوٽڪي (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) شهيد نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو، سوين ماڻهن جي شرڪت، قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي، ڌرڻي ۾ شهيد جي امڙ به شريڪ.

ڌرڻي ۾ قلم ڌڻين، سياسي سماجي تنظيمن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري شهيد جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

احتجاجي ڪئمپ تي جسقم، ايس يو پي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان، مهراڻ ليبر فيڊريشن، شهري اتحاد، ايڪشن ڪميٽي سميت مختلف پارٽين جا اڳواڻ پهتا.

احتجاج ڪندڙن فوري طور جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو ته شهيد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

گهوٽڪي پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته شهيد نصر الله گڏاڻي جي قتل جي الزام هيٺ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، پر اڃا تائين جوابدار جي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي.

About admin

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *