نقيب قتل ڪيس جي مک جوابدار رائو انوار جي ضمانت منظور

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ملير ۾ ڪجهه مهينا اڳ ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ نوجوان نقيب الله کي قتل ڪرڻ واري الزام ۾ رائو انوار جي ضمانت منظور ٿي وئي آهي. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ رائو انوار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. رائو انوار پاران داخل ڪرايل ضمانت واري درخواست تي اي ٽي سي ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت رائو انوار جي نقيب قتل ڪيس ۾ 10 لک رپين جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ضمانت جي منظوري واري حڪم ۾ اهو به چيو ته، جيڪڏهن رائو انوار تي ٻيو ڪو ڪيس ناهي ته، نقيب قتل ڪيس ۾ سندس ضمانت منظور ڪئي پئي وڃي، ضمانت لاءِ 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ سميت سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد آزاد ڪيو وڃي.

About

Check Also

سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جي ڌاڙي خلاف خاموش پيپلزپارٽي-اصغر آزاد

سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جي ڌاڙي خلاف خاموش پيپلزپارٽي-اصغر آزاد سنڌ جي آبپاشي کاتي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *