Saturday , December 21 2024

نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي

ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: مشهور صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي جي دعويٰ

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ  سنڌ سماءَچار) مشهور ڪاروباري شخصيت، عقيل ڪريم ڊيڊي، آرمي چيف سيد جنرل عاصم منير جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته، “سنڌ کي چئن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ناردرن، سائودرن، ويسٽرن اٽيچ ٿي ويندو، سنڌ جي حيثيت به بحال رهجي ويندي، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ائين صوبا ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي آهي”.

اسٽاڪ ايڪسچينج جي بادشاهه طور مشهور صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي نجي ٽي وي چئنل سماءَ ٽي وي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي؛ آرمي چيف جنرل عاصم منير جو حوالو ڏيندي چيو ته، “ سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي  تجويز ڏني آهي، سنڌ ناردرن سنڌ، سائودرن سنڌ ورهائجي ويندي، اهڙي طرح سنڌ پنهنجي جاءِ تي رهندي، ان طرح سان صوبا ٺاهي سگهجن ٿا، اِها هُن تجويز ڏني آهي”، اسان به ڳالهايون ٿا، هُن چيو ته، نادرن پنجاب، سائودرن ڪي پي طور صوبا ٺاهيا وڃن، اوهان به ماڻهن سان ڳالهايو، اسان به ڳالهايون ٿا، اها اڃا صرف تجويز ڏني آهي”.

عقيل ڪريم ڊيڊي نجي ٽي وي سماءَ سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته، “اهو ضروري آهي، ڇو ته جيستائين صوبا ننڍا نه ٿيندا مسئلا حل نه ٿيندا”، عقيم ڪري چيو ته، هُن چيو ته“ پنجاب جو حصو اسلام آباد آهي اُهو، اهڙي طرح هن صلاح ڏني آهي، اوهان به ماڻهن سان ڳالهايو، سياستدانن کي انوالِوِ ڪيو، اتي موجود ماڻهن ان صلاح سان اتفاق ڪيو”.عقيل ڪريم ڊيڊي جو چوڻ هو ته، “هن (آرمي چيف) چيو ته پنجاب کي به ڇهه حصن ۾ ورهايون، اها مون سجيشن / تجويز ڏني آهي، مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته بهتر ٿيندو”.

About admin

Check Also

سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري

سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *