Sunday , February 23 2025

نياڻي صائمه جروار جا قاتل وڏي وزير، گهرو وزير ۽ سنڌ پوليس کان زور ٿي ويا..!!؟؟؟

لاڙڪاڻو ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي ۾ اغوا بعد قتل ڪيل صائمه  جروار  واري ڪيس جا جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته مختلف ڌرين جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرن جو سلسلو به جاري آهي. حيدري ٿاڻي جي حد ۾3 ڏينهن اڳ  اغوا بعد قتل ڪيل 9 ورهين جي ٻارڙيءَ صائمه جروار واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي. جڏهن ته جيئي سنڌ محاذ جي  چيئرمين رياض چانڊيو صائمه جي وارثن وٽ پهچي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي رياض چانڊيو چيو ته واقعي ۾ ملوث  سمورن جوابدارن کي 3 ڏينهن اندر گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.

هوڏانهن واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف لاڙڪاڻي ۽ ڪشمور جي سول سوسائٽي، وڪيلن ۽ سماجي تنظيم ايم آر ايس پي ڪارڪنن عبدالغني بجاراڻي، مصطفيٰ آڪاش، ايڊووڪيٽ ستار هليو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 3 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ به جوابدار گرفتار نه ڪرڻ زيادتي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته صائمه جروار واري واقعي  جي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي. هنن چيو ته لڳي ائين رهيو آهي ته صائما جا قاتل سنڌحڪومت کان زور ٿي ويا آهن، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي اڃا تائين ڪنهن به قسم جي ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي ، جو نظر اچي ته جوابدران جي گرفتاري لاءِ ڪجهه ڪيو ويو هجي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *