Sunday , February 23 2025

نيب اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو جي گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نيب سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو جي گرفتاري جا وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڄام خان شوري حفاظتي ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي،تڪڙي ٻڌڻي جي به عرضي. نيب ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته،مڪاني ادارن جو اڳوڻو صوبائي وزير ڄام خان شورو ڪرپشن ۾ ملوث آهي، سندس خلاف ڪرپشن جا ثبوت به موجود آهن. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته، ڄام خان شورو تي ڪرپشن جا جيڪي الزام آهن انهن ۾ سندس خلاف 80 سيڪڙو کان به وڌيڪ ثبوت نيب وٽ موجود آهن. نيب پاران گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪرڻ کانپوءِ ڄام خان شورو کي گرفتار ڪرڻ لاءِ خصوصي ٽيم به جوڙي وئي آهي، جيڪا ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ئي وقت ڪارروائي ڪندي. ساڳئي وقت جيئن ئي نيب ڄام خان شورو جي گرفتاري جا وارنٽس جارفي ٿيا ته هن فوري طور تي پنهن جي وڪيل جي معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت واري درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، ضمانت واري درخواست سان گڏ ان جي تڪڙي ٻڌڻي لاءِ به درخواست ڏني آهي. نيب پاران حفاظتي ضمانت کان اڳ ۾ ئي گرفتار ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *