Sunday , February 23 2025

نيب جوٽائون ڪاميٽي چونڊڪو جي آفيس تي ڇاپو، ملازم ڀتيون ٽپي ڀڄي ويا

نارو( سنڌ سماءَ چار نيوز)نيب سکر جي ٽيم خيرپور ضلعي جي ناري تعلقي جي ٽائون ڪاميٽي چونڊڪو جي آفيس تي ڇاپو هنيو ته، اتي موجود ٽائون ملازم ڀتيون ٽپي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، نيب جي ٽيم ٽائون جو سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي پاڻ سان کڻي وئي. نيب سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر امداد علي پليجو جي سربراهي ۾ چونڊڪو ٽائون ڪميٽي جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي وئي.

نيب ٽيم جي ڇاپي دوران ملازم ديوارن ۽ دريون ٽپي فرار ٿي ويا، جڏهن ته نيب ٽيم ميڊيا سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪندي هلي وئي. واضح  رهي ته نيب پاران اڳ ۾ به ٻه ڀيرا ٽائون ڪاميٽي چونڊڪو جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ ساڻ کڻي وئي هئي، جنهن بعد اڄ وري ٻيهر ڇاپو هڻي سمورو رڪارڊ پاڻ سان گڏ ساڻ کڻي وئي.

ٻئي پاسي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين توڙي ٻين عملدارن نيب ٽيم پاران هٿ ڪيل رڪارڊ ۽ ڪيل ڪرپشن  کي ليه مٽي ڪرائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *