Sunday , December 22 2024

ن ليگ، بشير ميمڻ کي گورنر سنڌ بڻائڻ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کي هٽائڻ لاءِ ڪا به ڳالهه غور هيٺ ناهي نه ئي ن ليگ ان تي ڪڏهن سوچيو آهي، ن ليگ ڪنهن به ننڍڙي ڳالهه جيڪري پنهنجي لاءِ  نئون سياسي محاذ کولڻ نه ٿي چاهي: ذريعا.

اسلام آباد ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسيوري کي هٽائي، ن ليگ اڳواڻ بشير ميمڻ کي سنڌ جو گورنر بڻائڻ وارين افواهن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي، ن ليگ بشي ميمڻ کي گورنر بڻائڻ جي امڪان کي ئي رد ڪري  ڇڏيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته، بشير ميمڻ کي گورنر سنڌ بڻائڻ جي  پکيڙيل خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي، بشير ميمڻ کي سنڌ جو گورنر بڻائڻ جو معاملو ڪڏهن غور هيٺ ئي ناهي رهيو، اهڙين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي، ميڊيا بنا تصديق جي اهڙيون خبرون هلائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

اسحاق ڊار چيو ته ڪامران ٽيسوري کي گهرنر جي  عهدي هٽائڻ واري معاملي تي پيپلزپارپارٽي سان ڳالهه ٿي  وئي آهي، ايم ڪيو ايم به اسان جي  اتحادي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کي هٽائڻ لاءِ ڪا به ڳالهه غور هيٺ ناهي نه ئي ن ليگ ان تي ڪڏهن سوچيو آهي، ن ليگ ڪنهن به ننڍڙي ڳالهه جيڪري پنهنجي لاءِ  نئون سياسي محاذ کولڻ نه ٿي چاهي.

About admin

Check Also

نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي

ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *