Thursday , April 24 2025

هالا ڀرسان سنڌ درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي، 12ڄڻا ٻڏي ويا،6 لاش هٿ

هالا (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) هالا ويجهو سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 ڄڻا ٻڏي ويا، مقامي ماڻهن ٽ6 ڄڻن جا لاش ڪڍي ورتا آهن، ٻين جي ڳولا جاري آهي. هالا ويجهو ٻيڙي ذريعي درياءُ پار ڪندي تيز هوائن ۽ گهڻو وزن هجڻ جيڪري ٻ ڏي وئي، اطلاع ملڻ تي سڀ کان پهريان علائقي واسين واقعي واري هنڌ پهچي، ٻن عورتن  ۽ هڪ مرد جو لاش ڪڍي ورتو ۽ ٻين ٻڏي ويلن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي مٽياري جو چوڻ آهي ته ٻيڙي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 12 ڄڻا سوار هئا، جيڪي مٽياري کان ڪچي واري علائقي ۾ واقع ڳوٺ دڙا ماڇيون وڃي رهيا هئا. ريسيڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته هيل تائين 6لاش ٻاهر ڪڍيا ويا آهن، جِن ۾  عورتون ۽  مرد شامل آهي، جڏهن ته ٻڏي ويل ٻين ماڻهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن الاٽمينٽ رد ڪيو: زين شاهه

 هن چيو ته اسان پنهنجا ڳوٺ، شهر۽ زرخيز زمينون ويران ۽ بنجر ٿيندي ڏسڻ نه …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *