اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان يوٽرنز جو سلسلو جاري رکندي هڪ وڌيڪ يوٽرن وٺي ورتو آهي، وفاقي حڪومت پاران ايمنسٽي اسڪيم جاري ڪري ڇڏي آهي، جيڪا هڪ صدارتي آرڊيننس ذريعي لاڳو ڪئي ويندي ۽ صدر عارف علوي ڪنهن به وقت آرڊيننس جاري ڪري اسڪيم کي قانوني حيثيت ڏئي ڇڏيندو، هاڻي غيرقانوني طريقي سان ڪمايل دولت ۽ ان مان ٺاهيل ملڪيتون 4 کان 6 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻ بعد قانوني ڪرائي سگهند، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ چيو آهي ته، ايمنسٽي اسڪيم آڻڻ جو مقصد رڳو پئسا ڪمائڻ نه پر ٽيڪس نيٽ وڌائڻ آهي. ڊاڪٽر حفيظ شيخ جو چوڻ هو ته ڪارو ناڻو ڪمائيندڙن لاءِ هي آخري موقعو هوندو، فائدو حاصل نه ڪندڙن کي جيل وڃڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو.
Tags Imran khan U Turn U Turn PM Imran khan عمران خان يوٽرن
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …