سکر( رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه، وزيراعظم عمران خان کي هٽلر قرار ڏيندي چيو آهي ته، وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان مان ثابت ڪيو ته هو واقعي به هٽلر آهي، هٽلر هڪ آمر هو ۽ سمورا آمر سدائين ناڪام ٿيا آهن، عمران خان پنهنجي يو ٽرنس جو دفاع ڪري ناڪاميون لڪائڻ چاهي ٿو. سکر ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي ، رهائش گاهه تي پ پ اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خورشيد شاهه، قائم علي شاهه، ناصر شاهه ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي پاران 30 نومبر تي سکر يوم تاسيس جي رٿيل جلسي جي تيارين جو جائزو ورتو ويو، ۽ جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو . ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان مان ثابت ڪيو ته هو واقعي به هٽلر آهي، هٽلر هڪ آمر هو ۽ سمورا آمر سدائين ناڪام ٿيا آهن. خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي يو ٽرنس جو دفاع ڪري ناڪاميون لڪائڻ چاهي ٿو.
Check Also
پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي: آرمي چيف
ڪيسيتائين گورننس جي خامين کي پاڪ فوج ۽ شهيدن جي خون سان ڀريندا رهنداسين، عالمن …