اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان نيٺ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي به سخت متاثر ٿيندي آهي. اسلام آباد ۾ پهرين نيشنل سيڪيورٽي پاليسي پڌري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته، مجبورين جي صورت ۾ اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوي ٿو ۽ انڪري ئي ويندا آهيون، ان سان جا شرط مڃڻ سان سيڪيورٽي به متاثر ٿئي ٿي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ سبب ماڻهن تي بار وجهڻو پوندو آهي، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته وڏي محنت سان سلامتي بابت متفقه قومي دستاويز تيار ڪيو ويو آهي، پاليسي ۾ قومي سلامتي کي بهتر نموني واضح ڪيو آهي. جيڪڏهن توهان کي هر وقت آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو ته توهان جي سلامتي متاثر ٿيندي، ملڪي معيشت ڪمزور ٿيندي ۽ دفاع به ڪمزور ٿيندو، جيڪڏهن اسان جي ترقي جي شرح گهٽجي ته پنهنجو بچاءُ ڪيئن ڪنداسين، وڌندو پوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ھوندو آھي. اسان آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ تي مجبور آهيون ڇو ته آخر ۾ اهو آءِ ايم ايف آهي جيڪو اسان کي سستا قرض ڏئي ٿو، اسان کي انهن جا شرط مڃڻا پوندا ۽ اسان کي اهي شرط مڃڻا پوندا.
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …