وزيراعظم پاران اٽي مهانگي ٿيڻ جو نوٽيس وٺڻ بعد اٽو 4 کان 6 رپيا مهانگو

ڪراچي( چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) وزير اعظم عمران خان پاران ملڪ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ جو نوٽيس وٺڻ بعد اٽو 4 کان 6 رپيا في ڪلو مھانگو ٿي ويو آهي. وزيراعظم پاران نوٽيس وٺڻ جي چوويهه ڪلاڪن اندر اٽي جي في ڪلو ۾ چار کان ڇھ رپيا مهانگو وڪرو ٿيڻ لڳو آھي. نوٽيس وٺڻ کان اڳ پنجاب ۽ ڪي پي ۾اٽو مھانگو ٿيو ھو، نوٽيس وٺڻ بعد سنڌ ۾ به اٽو مھانگو ٿي ويو آهي. فائن اٽي جو پنجاھ ڪلو وارو ٿيلھو  مھانگو ٿيڻ بعد 24 سئو مان وڌي 28 سئو رپيا ٿي ويو آهي. اٽي جي اگھن ۾ واڌ سبب مھانگائي سٽيل عوام جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن.

About

Check Also

گل پلازا سانحو؛ باهه اڃا نه وسامي، وڏي جاني نقصان خدشو وڌي ويو

 الله ڪري ائين نه هجي جيئن دڪانن تي ڪم ڪندڙ بچي ويل پورهيت ٻڌائين ٿا!!! …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *