Wednesday , January 22 2025

وفاقي بجيٽ 24-2023، دفاع، پاور ڊويزن ۽ اليڪشن ڪميشن وڌيڪ خرچ ڪيا

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار )وفاقي حڪومت پاران گذرندڙ مالي سال 2023_2024 جي بجيٽ ۾ قرضن جي واپسي ۽ قرض معاف ڪرڻ سميت مختلف کاتن رکيل رقم کان وڌيڪ خرچ ڪري ڇڏيا، دفاع، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي پاور ڊويزن ۽ اليڪشن ڪميشن وڌيڪ خرچ ڪيا. بجيٽ دستاويزن موجب مالي سال 2023-2024 لاءِ مختلف وفاقي وزارتن، ڊويزنز ۽ وفاقي وزارتن جي ماتحت ٻين ادارن بجيٽ ۾ رکيل فنڊز کان وڌيڪ خرچ ڪري ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه وزارتن ۽ ڊويزنز جي فنڊز مان ڪٽوتيون ڪري يا ناڻي واري وزارت کان واڌو رقم حاصل ڪئي وئي. ناڻي واري وزارت جي فنانس ڊويزن طرفان جاري ڪيل خرچن جي تفصيلن ۾ ڄاڻايو ويو آهي، 30 وفاقي وزارتن، ڊويزنز ۽ ماتحت ادارن مختص ڪيل رقم کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ لاءِ ضمني ۽ ٽيڪنيڪل گرانٽس ذريعي واڌو فنڊ حاصل ڪيا.

قرض جي واپسي لاءِ؛ گهربل ۽ پرڏيهي قرضن جي واپسي لاءِ اضافي خرچ ڪيو ويو، دستاويزن موجب سڀني وزارتن ۽ ڊويزنز کان وڌيڪ خرچ پاڻري ۽ بجلي واري وزارت جي پاور ڊويزن سڀ کان وڌيڪ خرچ ڪيو، پاور دويزن لاءِ 2023_2024جي بجيٽ ۾ 450.5بلين رپيا رکيا ويا هئا پر، پاور ڊويزن 219 بلين رپين کان وڌيڪ يعني769.7 بلين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا. اهڙي طرح دفاع واري وزارت به هميشه جيان گذرندڙ مالي سال2023_24 جي سالياني بجيٽ ۾ رکيل رقم کان 35 ارب رپيا وڌيڪ خرچ ڪيا، دفاع واري ڊويزن لاءِ 18 کرب رپيا رکيا ويا هئا، جنهن مجموعي طور تي 18 کرب 35 ارب رپيا خرچ ڪيا.

رپورٽ مطابق آپريٽنگ، سول ورڪس سميت تقريبن سمورن شعبن لاءِ رکيل رقم کان 31.5 ارب رپيا وڌيڪ خرچ ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن به 2023 دوران ٿيل عام چونڊن لاءِ مقرر ڪيل 7.7 ارب رپين جي بجيٽ کان لڳ ڀڳ 30 رب رپيا وڌيڪ خرچ ڪيا ويا، فنانس ڊويزن جي دستاويزن موجب اليڪشڻ دوران واڌو بجيٽ جي خرچ جو وڏو حصو عام چونڊن کانپوءِ ننڍين / ضمني چونڊن تي خرچ ٿيو.

اهڙي طرح مالي سال 2023_2024 دوران مختص ڪيل 8 بلين رپين کان وڌيڪ 13.9 بلين رپيا پلاننگ، ڊولپمينٽ ۽ خاص قدمن لاءِ گهربل آهن، جن ۾ اضافو ”گرانٽس، سبسڊيز ۽ قرضن جي معافي“ جي ڪري ٿي رهيو آهي.  آئي ٽي ۽ ٽيلي ڪام ڊويزن پاران اضافي فنڊ پڻ خرچ ڪيا ويا، انهن شعبن کي گرانٽس، سبسڊيز ۽ قرضن جي معافي جي صورت ۾ پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ 10 ارب رپيا اضافي جي ضرورت هئي، جڏهن ته حڪومت اضافي 9 ارب رپيا مختص ڪيا انهن شعبن ڏانهن.

About admin

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *