Sunday , February 23 2025

وفاقي حڪومت بشير ميمڻ خلاف ڪاررواين جي شروعات ڪري ڇڏي

شهدادپور ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ايف آءِ اي اي جي اڳوڻي ڊي جي بشير ميمڻ خلاف ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون آهن، شهدادپور ۾ سندس گيهه جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي گيهه جا سمپلز ۽ فيڪٽري جا دستاويزن جي جاچ پڙتال. ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل بشير ميمڻ پاران جسٽس قاضي فائز عيسي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ سميت مختلف سياسي شخصيتن خلاف ڪيس تيار ڪرڻ لاءِ وزيراعظم پاران پي ايم ايم هائوس ۾ گهرائي دٻاءُ وجهڻ واري بيان کانپوءِ هاڻي وڌيڪ ڳنڀير ٿيندو پيو وڃي، بشير ميمڻ جي اهڙن بيانن کانپوءِ وفاقي حڪومت بشير ميمڻ خلاف ڪاررواين جي شروعات ڪري ڏني آهي. بشير ميمڻ جي شهدادپور ۾ المجتبيٰ گيهه فيڪٽري تي پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪواليٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم ڇاپو هڻي گيهه جا سيمپلز چڪاسيا ۽ فيڪٽري جا دستاويز گهرائي انهن جي به جاچ پکڙتال ڪرڻ کانپوءِ واپس رواني ٿي وئي. ان سلسلي ۾ بشير ميمڻ چيو آهي ته، پي ايس ڪيو اي جي ٽيم آئي هئي جنهن گيهه جا سيپملز چيڪ ڪيا ۽ ڪارخاني جا دستاويز جاچيا. هن چيو ته خبر ناهي ته پي ايس ڪيو وارن کي اوچتو ڪهڙا معاملا ياد اچي ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *