اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت مخالف ڌر سان گڏجي ويهي معاملا حل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو، اپوزيشن پاران انڪار تي پريشان. سُڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته، اسان اپوزيشن سان گڏ ويهڻ جي لاءِ تيار آهيون پر اپوزيشن وارا اسان سان گڏجي ويهڻ لاءِ تيار ئي ناهن، اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ فواد چوڌري چيو ته،اٽيٽ بئنڪ بابت جلد ٻيهر قانوسازي ڪري بل سينيٽ مان به منظور ڪرايو ويندو، اسان جي خواهش آهي ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي مختلف ڪميٽين ۾ جا چيئرمين ۽ ميمبر اهڙا هجن جن جي مقرري سان مفادن جو ٽڪراءَ نه ٿئي، اهڙا ميمبر ڪنهن به اهڙي ڪميٽي ۾ نه هجن جيڪي ان ڪميٽيءَ واري شعبي سان ڪنهن به صورت ۾ لاڳاپيل هجن. انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ ڪميونيڪيشن وارين ڪميٽين ۾ اهڙا ماڻهو اچن ٿا جن جو پنهنجو ڪم به انهن شعبن ۾ آهي.
Check Also
نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي
ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …