Wednesday , January 22 2025

وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار ) وفاقي حڪومت مختلف ادارن جي حمايت باوجود پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي مڙهڻ وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ مٿان پابندي لڳائڻ سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار جي اسلام مان خاص نمائندي جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته گهرو ۽ دفاع واري وزارت جي وزيرن پاران ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته مختلف اهم ادارن پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جي مڪمل حمايت ڪئي آهي، ان لاءِ پي ٽي آءِ مٿان پابندي مڙهي ان تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. ذريعن جي دعويٰ موجب وفاقي ڪابينا جي ڪجهه وزيرن پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ سياسي طور حڪومت خاص طور تي ن ليگ لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندو، انڪري پابنديءَ بدران تحريڪ انصاف جي سياسي سرگرمين کي محدود ڪرڻ گهرجي، اجلاس ۾ اتحادي جماعتن پاران اڻسڌي طرح قيادتن بدران پنهنجي اڳواڻن معرفت پي ٽي آءِ تي پابندي جي مخالفت ۽ سخت خدشا ظاهر ڪيا آهن، جنهن کانپوءِ وفاقي ڪابينا پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ وارو فيصلو ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاران ذاتي طور اتحادي جماعتن خاص طور پيپلزپارٽي جي قيادت سان ملاقات ڪري پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ لاءِ راضي ڪندو، ذريعن موجب امڪان اهو به آهي ته ن ليگ جو صدر نواز شريف، صدر آصف علي زرداري سان ”آف دي رڪارڊ“ ملاقات يا وري وڊيو لنڪ تي رابطو ڪري کيس پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ واري فيصلي جي حمايت لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.

About admin

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *