وفاقي سرڪار گئس جا اگهه وڌائڻ تان في الحال هٿ کڻي وئي

اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار ) عوامي دٻاءَ ۽ مخالف ڌر جي تنقيد کانپوءِ وفاقي حڪومت گئس جا اگهه وڌائڻ وارو فيصلو ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪري ڇڏپيو آهي، ناڻي واري وزير جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته فيصلو وزيراعظم ڪندو. اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ اوگرا پاران گس جون قيمتون وڌائڻ واري تجويز تي ويچاريو وي. اجلاس ۾ گئس جي اگهن وڌائڻ واري معاملي تي ويچار دوران فيصلو مڪيو ويو ته اگهن وڌائڻ گئس جي قيمتن ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين پاران پيش ڪيل تجويزن کي نظر ۾ رکندي معالو وزيراعظم عمران خان آڏو رکيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گئسن جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت وزيراعظم جيڪي به هدايتون ڏيندو انهن تگي عمل ڪيو ويندو ۽ ايستائين اگهه نه وڌايا ويندا.

ان سلسلي ۾ خبر پئي آهي ته،زرعي ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪارخانن کي 50 سيڪڙو مقامي گئس ۽ 50 سيڪڙو ايل اين جي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايل اين جي ڀاڻ جو 50 سيڪڙو بل ڀاڻ ڪمپنيون ادا ڪندو جڏهن ته 50 سيڪڙو حڪومت ادا ڪندي. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته  سموريون ڀاڻ فيڪٽريون ڀرپور صلاحيت سان ڀاڻ پيدا ڪنديون جڏهن ته ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ٻاهران گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *