وفاق سنڌ جي پاڻي، معدني وسيلن، ٽئڪس ۽ بندرگاهه تي قبضو ڪري ويٺو آهي، سنڌو درياءَ مان زبردستي ڪئنال ڪڍيا ويا ته مزاحمت ڪنداسين، مريم نواز جو بيان وفاق جي خلاف آهي.
ڄامشورو( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وفاق سنڌ جي پاڻي، معدني وسيلن، ٽئڪس ۽ بندرگاهه تي قبضو ڪري ويٺو آهي، سنڌو درياءَ مان زبردستي ڪئنال ڪڍيا ويا ته مزاحمت ڪنداسين، مريم نواز جو بيان وفاق جي خلاف آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه ٺامشورو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي بيان، ” اسان جو پاڻي، اسان جو پئسو، ڪئنال ٺاهيون ٿا ته اوها کي ڪهڙو اعتراض“، جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ، مريم نواز جو اهڙو بيان وفاق کي ڪمزور ڪرڻ آهي، سنڌو درياءَ مان زبردستي ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان مزاحمت ڪنداسين. هن چيو ته وفاق سنڌ جي پاڻي، معدنيات ۽ بندرگاهه تي قبضو ڪري ويٺو آهي، پنجاب هميشه پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڇاڻي کڻندو رهيو آهي ۽ اهڙو سلسلو اڃا تگائين بند ناهي ٿيو، مٿان وري سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جيڪڏهن زبردستي ڪئنال ڪڍي ويا ته اسان سخت مزاحمت ڪنداسين.
ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته صدر آصف زرداري سنڌ جي پاڻي، وسيلن، روزگار ۽ زمينن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي پر اسان ان کي ناڪام بڻائينداسين، سنڌو درياءَ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جي زمينن جي نيلامي سميت سنڌ ۽ سنڌي قوم جي زندگي ۽ موت وارن مسئلن تي اسان مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهنيون، خاموش ناهيون ويٺا. هن چيو ته سنڌ جي عوام پنهنجي پرامن جدوجهد ۽ طاقت سان ڪئنالن جي معاملي تي حڪومت کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. هن چيو ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي تحت 1300 ارب رپين جو ٽيڪس ۽ اين ايف سي تي ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ملي ڀڳت ڪري سنڌ جي حصي جي رقم ڦٻائي پئي وڃي، جيڪا رقم سنڌ کي ملي ٿي اها ڪرپشڻ جي ور چڙهي وڃي ٿي، ان جو عوام کي سڌيءَ ريت ڪو به فائدو نه ٿو پوي.
سنڌسماءَچار