Sunday , February 23 2025

ووٽرز پڇاڻو ڪرڻ بيڊ روم تائين پهتا:اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو اڻسڌي طرح اعتراف

حيدر آباد( خاص نمائندو    سنڌسماءَ چار) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڻسڌي طرح اعتراف ڪيو آهي ته، سندس تڪ جا ووٽر سندن ڪم نه ٿيڻ ۽ سهولتون نه ملڻ بابت هن کان پڇاڻو ڪرڻ لاءِ سندس بيڊ روم جي ٻاهران تائين پهچي ويا هئا. اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه،  اربع ڏينهن حيدر آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته، ” صحافي سندس ويڊيو بيڊ روم ٻاهران ڀري رهيو انڪري کيس روڪيو ۽ ڪئمرا ورتي(کسي) جيڪا اتي ئي کيس واپس ڪئي هئي.

مراد علي شاهه کان سندس اباڻي ڳوٺ واهڙ ۾ اربع ڏينهن مراد علي شاهه کان سندس تڪ/علائقي جي ماڻهن ان وقت گهيراءُ ڪري ڪم نه ٿيڻ، نوڪريون نه ملڻ ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي نه ملڻ تي پڇاڻو ڪيو ۽ سوال ڪري رهيا. عين ان وقت، سنڌي اخبار ڪاوش جي مقامي نمائندي پاران ان سڄي مامري جي ويڊيو رڪارڊنگ ڪري رهيو هو ته، مراد علي شاهه کيس دڙڪا ڏيندي ڪئميرا ڦري ورتي هئي، جيڪا بعد ۾ ان ئي صحافي کي واپس به ڪري ڇڏي هئي. ان واقعي بابت مراد علي شاهه صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي مٿيون موقف اختيار ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *