وي سي ۽ پروفيسر پاران هيسايل فرزانا جمالي موتمار ڌمڪين جي شڪايت ڪئي هئي

نواب شاهه( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) نوابشاهه ۾ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل زوهيب جمالي جي ڀيڻ ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي وي سي ۽ پروفيسر پاران مبينا طور هيسايل شاگردياڻي فرزانا جمالي اڳ ۾ موتمار ڌمڪين بابت دانهون ڪندي رهي آهي. فرزانا جمالي مختلف وقتن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ لاڳاپيل اختيارين وٽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ دوران ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي رهي آهي ته کيس هيسائڻ وارو  معاملو ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ وي سي ارشد سليم ۽ پروفيسرعامر خٽڪ سميت سندن بااثر سهڪولتڪارن پاران کيس ۽ خاندان وارن کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن. هن انهن ڌمڪين جو حوالو ڏيندي تحفظ ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو هو.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *