ٻي شادي ڪرڻ کان روڪڻ تي پيءُ جي ٻن معصوم پٽن کي شاخ ۾ لوڙهي مارڻ جي ڪوشش

شڪارپور ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڳوٺ لال مگسي واسي ٻي شادي جي خواهشمند شخص پاران ٻن معصوم پٽن کي شاخ ۾ لوڙهي مارڻ جي ڪوشش کي علائقي واسين ناڪام بڻائي ٻارڙن کي بچائي بي رحم شخص کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو هي. پوليس جو چوڻ آهي ته پٽن پاران ٻي شادي کان منع ڪرڻ تي جوابدار معصوم پٽن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڳوٺ لعل  مگسي ۾ جوابدار حبيب الرحمان مگسي پنهنجي 14 ورهين جي پٽ عبدالصمد ۽ 12 ورهين جي حئي کي جنت شاخ ۾ لوڙهي مارڻ جي ڪوشش، ٻارڙن جي دانهن تي ڳوٺاڻن پهچي جوابدار کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جوابدار ٻي شادي کان منع ڪرڻ تي پنهنجي ٻنهي پٽن کي شاخ ۾ لوڙهي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور ۾ قيامت صغرا، ٻي شادي جي شڪ تان عورت گهر ئي اجاڙي ڇڏيو

خيرپور ۾ قيامت صغرا، ٻي شادي جي شڪ تان عورت گهر ئي اجاڙي ڇڏيو، خيرپور …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *