حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ٽنڊي ڄام ويجهو ڳوٺ شاهنواز جوڻيجو جي هڪ گهر مان عورتن ۽ ٻارڙن سميت گهر مان هڪ ئي ڪٽنب جي 7 ڀاتين جي لاشن هٿ اچڻ واري معاملي پوليس ۽ علائقي واسين کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي، گهرڀاتين جو موت ڳجهارت بڻجي ويو آهي، ايس ايس پي سرفراز نواز شيخ جو چوڻ آهي ته لاش 2 ڏينهن پراڻا لڳي رهيا آهن، ستن ئي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدر آباد منتقل ڪيو آهي، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ئي خبر پئجي سگهي ٿي. ٽنڊو ڄام ڀرسان اسحاق جوڻيجو جي گهر مان 7 گهر ڀاتين جي هٿ آيل لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته لاشن جي سڃاڻپ گهر ڌڻي 55 سالن جي 55 ورهين جو اسحاق جوڻيجو، 45 ورهين جي شهناز زال اشرف حيات عمر جوڻيجو، جواد پُٽ اشرف حيات عمر، 14 سالن جي فائزه ڌيءُ حيات عمر، 13 ورهين جي نِشا ڌيءُ حيات عمر، 12 ورهين جي عليزا ۽ 10 ورهين جي لاريب ڌيءُ حيات عمر جوڻيجو طور ٿي آهي. پوليس لاش تحويل ۾ وٺن بعد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.
Check Also
تمام جلد…..ٻيهر اچي رهيا آهيون
سنڌسماءَچار جي پڙهندڙن لاءِ خوشخبري ڪجهه اڻٽر مجبورين سبب اوهان کي پري رهياسين، هاڻي جلد …