راولپنڊي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفورچيو آهي ته، پاڪستان ايٽمي طاقت آهي ۽ جنگ لاءِ تيار آهيون، پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ڀارتي فوج جي آرمي چيف جي ڌمڪين جو جواب ڏيندي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته، پاڪستان ڪاميابيءَ سان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ مثبت نتيجا حاصل ڪيا آهن. ڀارتي آرمي چيف کي امن امان جي صورتحال کي خراب نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هڪ ائٽمي ملڪ آهي ۽ اسان امن پسندي سان اڳتي وڌڻ جا خواهشمند آهيون. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو آهي ته، پاڪستان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته، پاڪستان جي اڄ به اها ئي آڇ آهي ته اچو ڳالهيون ڪيو. اسان جي صبر جو امتحان نه ورتو وڃي امتحان ورتو ويو ته، ڀرپور جواب ڏينداسين. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو ماضي جو حوالو ڏيندي چيو ته، ڀارت ڪجهه عرصو اڳ ڀارت سرجيڪ اسٽرائيڪ جو جو ڊرسامو رچايو هو، جيڪو ب ه سڄي دنيا جي سامهون اچي ويو هو. ڀارتي فوج تان جي ملڪي سياست ۾ گهيريل آهي ۽ ڀارتي حڪومت تي ڪرپشن جي الزامن جا به چئوٻول آهن.
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …