Wednesday , January 22 2025

پنجاب جو سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو، اسٽينڊنگ ڪميٽي کي پاڻي بند ڪرڻ کان کتو جواب، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جون به تياريون

“ سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير توڙي ٻين نمائندن کي سنڌ حڪومت ۽ حڪومتي پارٽي جي قيادت پاران خاص هدايتون ڏنل هجن ٿيون ته صرف خاناپوريءَ لاءِ ئي ڳالهائڻو آهي، وڌيڪ ڪجهه به ناهي چوڻو:ذريعا”.

وفاقي حڪومت پيپلزپارٽي جي مدد سان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جو به فيصلو ڪري ورتو، ترميمن لاءِ صدر آصف زرداري جون پ پ جي وڪيلن کي ڊرافٽ جي ياري جون هدايتون

“صدر آصف علي زرداري جون خاص هدايتون آهن ته اهڙن سمورن معاملن جيڪي پنجاب جي مفاد ۾ هجن انهن بابت لاڳاپيل وفاقي فورمن تي ڪنهن به قسم جو سخت موقف ناهي رکڻو، اوهان کي ميڊيا تي جيڪو به ڳالهائڻو آهي ڳالهائي سگهو ٿا”.

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) پنجاب جو ارسا جي مدد سان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو جاري، سنڌ حڪومت صدر آصف زرداري جي هدايتن تي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي، چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند ڪئنال ذريعي سنڌو درياءَ مان مجموعي طور 25 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي وهائڻ لڳو. پنجاب پاران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت آبپاشي کاتي سنڌ جي هڪ ذميوار آفيسر سنڌسماءَچار کي ٻڌايو آهي ته، “پنجاب وڏي عرصي کان ٻن فلڊ ڪئنالن، سِي جَي ڪئنال ۽ تونسا پنجند ڪئنال ذريعي مسلسل پاڻي کڻي رهيو آهيو، جنهن خلاف ارسا جي اجلاسن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي پاڻي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽين جي اجلاسن ۾ سنڌ جا نمائندا خانا پوريءَ لاءِ احتجاج ڪندا آهن”. هن ٻڌايو ته، “ سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير توڙي ٻين نمائندن کي سنڌ حڪومت ۽ حڪومتي پارٽي جي قيادت پاران خاص هدايتون ڏنل هجن ٿيون ته صرف خاناپوريءَ لاءِ ئي ڳالهائڻو آهي، وڌيڪ ڪجهه به ناهي چوڻو”.

ان سلسلي ۾ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت پيپلزپارٽيءَ جي هڪ اهم اڳواڻ، نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي فون تي ٻڌايو ته، “صدر آصف علي زرداري جون خاص هدايتون آهن ته اهڙن سمورن معاملن جيڪي پنجاب جي مفاد ۾ هجن انهن بابت لاڳاپيل وفاقي فورمن تي ڪنهن به قسم جو سخت موقف ناهي رکڻو، اوهان کي ميڊيا تي جيڪو به ڳالهائڻو آهي ڳالهائي سگهو ٿا”.

هن ان سلسلي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته، “ پاڻي جي  معاملي تي قومي اسيمبلي جي پاڻي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سردار خالد مگسيءَ جي صدارت هيٺ ٿيل گذريل اجلاس ۾ به پنجاب پاران سي جي لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند ڪئنال ذريعي پاڻي کڻڻ بابت رکيل ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، سنڌ جي نمائندي پاڻي کڻڻ واري معاملي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اجلاس ۾ موجود واپڊا چيئرمين ۽ پنجاب جي نمائندي چيو ته انهن ڪئانالن ذريعي پنجاب پاڻي کڻندو رهندو، اهو وهڪرو اڃا وڌائي به سگهجي ٿو، هن وقت سي جي ۽ تچونسا ڪئنالن ذريعي 25 هزار ڪيوسڪ پاڻي پنجاب کڻي رهيو آهي، ان ۾ ڪا به گهٽتائي نه ٿيندي، پاڻي جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آهي، جيستائين ان ۾ فيصلو نه ٿو ٿئي ايستائين ان معاملي تي ڳالهائڻ فضول آهي”.

ارسا ايڪٽ ۾ ترميم

وفاقي حڪومت پيپلزپارٽي جي مدد سان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جو به فيصلو ڪري ورتو، ترميمن لاءِ صدر آصف زرداري پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل وڪيلن کي ڊرافٽ جي تياري جون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب پنجاب حڪومت، پنجاب ۽ واپڊا سان لاڳاپيل اختيارين ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان ڳالهيون ڪري ترميمن لاءِ راضي ڪري ورتو آهي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن لاءِ وزيراعظم شهباز شريف، سينيٽر پرويز رشيد، راڻا ثناءُ الله، احسن اقبال ۽ پنجاب جي آبپاشي کاتي جي اختيارين کان تجويزون طلب ڪيون ويون آهن. سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن ذريعي، چيئرمين، ميمبرن ۽ پاڻي ورڇ بابت بابت ڪجهه شقن ۾ ترميمون ڪري فيصلن جو اختيار وفاق/ چيئرمين کي ڏنو ويندو. ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن ذريعي چيئرمين جي عهدي لاءِ سمورا اختيار وزيراعظ۾ وٽ هوندا جنهن سان وفاقي حڪومت جي 22هين گريڊ جو ڪو به رٽائرڊ يا حاضر سروس ڪامورو ارسا جو چيئرمين مقرر ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته، ان سلسلي ۾ وزيراعظ۾ شهباز شريف جي صدر آصف علي زرداري سان به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آحي، جنهن بعد صدر آصف زرداري پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل سينيٽرز کي ارسا ايڪٽ ۾ وفاقي حڪومت جي خواهشن مطابق ترميم ڪرڻ لاءِ ڊرافٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ ايوان صدر ۾ هيل تائين ٻه گڏجاڻيون ٿي چڪيون آهن.

About admin

Check Also

ٽرمپ حلف کڻي ورتو، پاناما ڪئنال چائنا کان واپس وٺڻ، ڪئنيڊا کي به آمريڪا جو حصو بڻائڻ جو اعلان

ڊونلڊ ٽرمپ ڪئنيڊا کي آمريڪا جو حصو بڻائڻ ۽ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي نيڪلي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *