ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿيڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت پهرين مئي کان پيٽروليم جي شين جي اگهن ۾ 20 رپين کان وڌيڪ في ليٽر سستو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌسمءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 20رپين کان وڌيڪ لاٿ ڪندي، جنهن جو نوٽيفڪيشن ٽيهين اپريل تي جاري ٿي ويندو، مليل ڄاڻ مطابق پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ ان تنساب سان ته نه ٿيندي جنهن تنساب سان تيل عالمي مارڪيٽت ۾ سستو ٿيو آهي پر حڪومت ڪجهه سيڪڙُ اگهن ۾ لاٿ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان پيٽرول سان گڏ ڊيزل، گاسليٽ سميت پيٽروليم وارن ٻين شين جي اگهن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن 30 اپريل تي جاري ڪندي.
