پوليس تنگواڻي مان اغوا ٿيل نينگر کي ڌاڙيلن جي چنبي مان ڇڏائڻ ۾ ناڪام

اغوا ٿيل نينگر شفيق الرحمان بهلڪاڻي

تنگواڻي( ايڊووڪيٽ حسين بخش بلوچ جي ٿورن سان) تنگواڻي جي ڪچي واري علائقي مان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل نينگر شفيق الرحمان بهلڪاڻي بازياب ٿي ناهي سگهيو؛ نينگر جي گهر ۾ پريشانين ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي. پوليس نينگر جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڄي ٻيڻو ناهي ڪيو.

تنگواڻي تعلقي جي ڳوٺ باغ علي بهلڪاڻي مان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ڳوٺاڻي جا ڍور چوري ٿي ويا هئا. ڳوٺاڻن پاران چوري ٿيل چوپائي مال جا پيرا کڻي ڪچي ڪچي طرف روانا ٿيا ته نينگر شفيق الرحمان بهلڪاڻي به انهن سان گڏ روانو ٿيو. وارثن جو چوڻ آهي ته، پيرا کڻڻ دوران ڪچي مان ڪنهن هنڌ تان نينگر شفيق الرحمان بهلڪاڻي ڌاڙيلن جي ور چڙهي ويو، جنهن کي ڌاڙيل اغوا ڪري کڻي ويا. وارثن مطابق نينگر کي هٿياربندن/ڌاڙيلن جي چنبي مان ڇڏائڻ لاءِ هيل تائين پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. شفيق الرحمان بهلڪاڻي جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته، معصوم شفيق الرحمان بهلڪاڻي کي فوري طور تي اغوا ڪندڙن جي چنبي مان ڇڏايو وڃي.

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *