پيپلزپارٽي جو پهريان ڪئنال منصوبي کان انڪار، هاڻي ڪئنالن خلاف احتجاج جو اعلان

ڪراچي( چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کان مسلسل انڪار ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪئنالن خلاف احتجاج جو اعوان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کان مسلسل انڪار ڪندڙ، منصوبي جي منظوري ڏيندڙ صدر آصف علي زرداري جي وفاقي حڪومت جي اتحادي جماعت ۽ سنڌ ۾ 18 ورهين کان حڪومت  ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي نيٺ ڪئنالن جي منصوبي ۽ ان تي ڪم ٿيڻ جو اعتراف ڪندي انهن خلاف 25 مارچ تي سموري سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي ۽ ڪئنال جو ڪم روڪرائڻ لاءِ پ پ پ احتجاجي تحريڪ شروع ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪئنالن واري منصوبي خلاف 25هين مارچ اڱاري ڏينهن سموري سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

About admin

Check Also

 اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، جيترو هلي سگهياسين هلياسين، پر سنڌسماءَچار بند نه ٿيڻ گهرجي

سنڌسماءَچار وڪري لاءِ لڳ ڀڳ گذريل 11 ورهين کان نيوز ويب سائيٽ سنڌسماءَچار پنهنجي مدد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *