Sunday , February 23 2025

پيپلزپارٽي ڪراچي آيل ٻوڏ متاثرن کي” چور“ ۽ ” ڌاڙيل “قرار ڏئي”ڏنڊو“ڏيڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت جي مک اتحادي ۽ سنڌ جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي، ڪراچي آيل ٻوڏ متاثرن کي چور ۽ ڌاڙيل قرار ڏئي ڇڏيو، انهن کي ”ڏنڊو“ ڏيڻ لاءِ گبر ٿيڻ جي  تجويز به ڏئي ڇڏي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نبيل گبول چيو آهي ته، سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ سمورا چور ۽ ڌاڙيل ڪراچي آچي ويا آهن، انهن کي منهن شرافت سان نه ٿو ڏئي سگهجي، انهن لاءِ ” گبر از بيڪ “ ڪرڻو پوندو، هن  کي منهن ڏيڻ لاءِ شرافت نه پر ” ڏنڊو“ ڏيڻ جي ضرورت آهي.

آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ويجهي ساٿي نبيل گبول، سوشل ميڊيا جي هڪ ايڪٽوسٽ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، ٻوڏ کانپوءِ سنڌ جا سمورا چور ۽ ڌاڙيل ڪراچي آيا آهن، انڪري شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌي ويو آهي، مان باربار چوندو رهيو آهيان ته انهن کي منهن ڏيڻ شريف ماڻهن جو ڪم ناهي، جماعت اسلامي هڪ شريف جماعت آهي، جماعت اسلامي ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان به شريف ماڻهو آهي، جماعت اسلامي ۽ حافظ نعيم الرحمان وٽ ڏنڊو ته آهي ڪونه انڪري مان باربار چوندو آهيان ۽ هاڻي به چوان ٿو ته، هنن سان ” گبر از بيڪ“ وارو طريقو ڪري ” ڏنڊو “ ڏيڻو پوندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *